ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سياسي پارٽي سان واسطو رکندڙ مبينا ٽارگيٽ ڪلر ريحان عرف سرڪٽا کي 3 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

atc11-9

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سياسي پارٽي سان واسطو رکندڙ مبينا ٽارگيٽ ڪلر ريحان عرف سرڪٽا کي 3 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، رينجرز  ريحان عرف سرڪٽا  90 ڏينهن حراست ۾ رکڻ بعد کيس پوليس حوالي ڪيو هو.
ڪراچي پوليس ريحان عرف سرڪٽا کي رمانڊ لاءِ ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن کي عدالت 3ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
رينجرز ريحان عرف سرڪٽا کي ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتي خوري ۽ ٻين ڏوهن جي الزام هيٺ 90 ڏينهن حراست ۾ رکڻ بعد پوليس حوالي ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*