ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت گينگ وار جي مالي مدد ڪرڻ ۽ ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي ٽن عملدارن سعيد بلوچ، دلمراد ۽ احمد بخش بلوچ کي وڌيڪ 7 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

Karachi-ATC-court

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت گينگ وار جي مالي  مدد ڪرڻ ۽ ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي ٽن عملدارن سعيد بلوچ، دلمراد ۽ احمد بخش بلوچ کي وڌيڪ 7 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
ڪراچي جي ڪلري ٿاڻي جي پوليس فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي ٽن عملدارن کي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو، جن کي عدالت وڌيڪ 7 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
رينجرز فشرمين ڪوآپر يٽو سوسائٽي جي ٽنهي عملدارن کي گرفتار ڪيو هو، جن کي 90 ڏينهن حراست ۾ رکڻ بعد پوليس حوالي ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*