متحده جي مرڪز نائين زيرو تي رينجرز جي ڇاپي دوران فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان وقاص شاهه جي قتل ڪيس جي جاچ آفيسر اي ٽي سي ۾ بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

Asif-Ali-30416

متحده جي مرڪز نائين زيرو تي رينجرز جي ڇاپي دوران فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان وقاص شاهه جي قتل ڪيس جي جاچ آفيسر اي ٽي سي ۾ بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن جو چوڻ آهي ته جوابدار آصف علي، وقاص شاهه کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي ۽ اکين ڏٺن شاهدن جوابدار جي سڃاڻپ به ڪئي آهي.
ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نوجوان وقاص شاهه قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جاچ آفيسر پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو.
ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر بيان رڪارڊ ڪرائيندي ٻڌايو ته  جوابدار آصف علي، وقاص شاهه کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي ۽ اکين ڏٺن شاهدن جوابدار جي سڃاڻپ به ڪئي آهي.
جاچ آفيسر موجب جوابدار جي نشاندهي تي وقاص شاهه جي قتل ۾ استعمال ٿيل اوزار به هٿ ڪيو ويو آهي، جاچ آفيسر جي بيان بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 10 مئي تائين تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*