سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گرمي جي شدت جاري آهي، بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ سبب ماڻهن جا اهنج وڌي ويا آهن

Heat-sindh-30416

 سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گرمي جي شدت جاري آهي، بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ سبب ماڻهن جا اهنج وڌي ويا آهن، جڏهن ته مختلف بيمارين به ڪر کنيو آهي.
اڄ هڪ وڳي جي رڪارڊ ڪيل گرمي پد حيدرآباد، نوشهرو فيروز، پڊعيدن موئن جي دڙي ۾ 44 تائين پهچي ويو، دادو، ڄامشورو، ڪوٽڙي ۽ نوابشاهه ۾ 43، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي ۾ 42، شڪارپور 41،  ٺٽي ۾ 38 ۽ ڪراچي ۾ 35 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
سنڌ ۾ گرمي دوران بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ سبب ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻيل آهي، شهرن ۾ 8 کان 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي پر ٻهراڙين جي حالت انتهائي رحم جوڳي آهي، جتي 24 ڪلاڪن ۾ 2 يا 3 ڪلاڪ ئي بجلي هلي ٿي باقي وقت ماڻهو گرمي ۾ پگهر ڳاڙيندي نظر اچن ٿا.
گرمي جي شدت سبب گئسٽرو، سن اسٽروڪ ۽ ٻين بيمارين سبب به مريضن کي اسپتالن ۾ پهچائڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*