لاهور پوليس عمران خان کي بلٽ پروف گاڏي استعمال ڪرڻ ۽ ماڻهن جي هجوم کان پري رهڻ جي صلاح ڏيندي چيو, بندش پيل تنظيم لاهور ۾ سڀاڻي پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ عمران خان تي حملي جي رٿابندي ڪئي آهي

imran-khan

لاهور پوليس عمران خان کي بلٽ پروف گاڏي استعمال ڪرڻ ۽ ماڻهن جي هجوم کان پري رهڻ جي صلاح ڏيندي چيو آهي ته بندش پيل تنظيم لاهور ۾ سڀاڻي پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ عمران خان تي حملي جي رٿابندي ڪئي آهي.
پوليس موجب پي ٽي آءِ جي سڀاڻي لاهور ۾ رٿيل جلسي دوران پابندي مڙهيل تنظيم طرفان عمران خان تي حملي جي رٿابندي ڪئي وئي آهي.
پوليس پي ٽي آءِ سربراهه کي جلسي دوران بلٽ پروف گاڏي استعمال ڪرڻ ۽ ماڻهن جي ميڙ کان پري رهڻ جي صلاح ڏيندي چيو آهي ته دهشتگرد مٿس ڪنهن به وقت حملو ڪري سگهن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*