پاڪستان تحريڪ انصاف جوڊيشل ڪميشن جي قيام لاءِ ٽرمز آف ريفرنس تيار ڪري ورتا

pti

پاڪستان تحريڪ انصاف جوڊيشل ڪميشن جي قيام لاءِ ٽرمز آف ريفرنس تيار ڪري ورتا آهن، جيڪي 2 مئي تي اپوزيشن جي رٿيل گڏيل اجلاس دوران پيش ڪيا ويندا، ٽي او آرز ۾ ڪميشن کي آف شور ڪمپنين خلاف مڪمل اختيار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ سينيئر قانوندان حامد خان جوڊيشل ڪميشن لاءِ ٽرمز آف ريفرنس تيار ڪري ورتا آهن، جن جي عمران خان کان منظوري به ورتي وئي آهي.
ذريعن موجب تجويز ڪيل ٽي او آرز ۾ چيف جسٽس انور ظهير جمالي کي جوڊيشل ڪميشن جو سربراهه بڻايو ويو آهي، جڏهن ته ڪميشن کي مڪمل اختيار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جوڊيشل ڪميشن لاءِ تيار ڪيل ٽرمز آف ريفرنس 2 مئي تي اپوزيشن جي ٿيندڙ گڏيل اجلاس دوران پيش ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*