ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت سنڌ اسيمبلي مان گرفتار ٿيل صحافي اقرار الحسن ۽ سندس ساٿي کي 3 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

Iqrar-ul-haq-30416

ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت سنڌ اسيمبلي مان گرفتار ٿيل صحافي اقرار الحسن ۽ سندس ساٿي کي 3 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
آرام باغ ٿاڻي جي پوليس صحافي اقرار الحسن ۽ سندس ساٿي کي رمانڊ لاءِ جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ پيش ڪري 14 ڏينهن جو رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي.
عدالت پوليس جي درخواست رد ڪندي اقرار الحسن ۽ سندس ساٿي کي 3 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
اقرار الحسن جو چوڻ آهي ته هو سنڌ اسيمبلي جي سيڪيورٽي جا پول پڌرا ڪرڻ لاءِ ساٿي سان گڏ سنڌ اسيمبلي ويو هو .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*