خيبر پختونخواه سرڪار جي ڪوئا مار مهم سست رفتاريءَ جو شڪار ٿيڻ سبب ڪوئن جي دهشتگردي جاري

Peshawar-Rats-30416

خيبر پختونخواه سرڪار جي ڪوئا مار مهم سست رفتاريءَ جو شڪار ٿيڻ سبب ڪوئن جي دهشتگردي جاري آهي، جن وڌيڪ 22 ماڻهن کي نشانو بڻايو.
پشاور جي مختلف علائقن ۾ ڪوئن 22 ماڻهن کي چڪَي وڌو، جن کي ليڊي ريڊنگ سميت مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو.
ليڊي ريڊنگ اسپتال انتظاميا موجب گذريل هڪ مهيني دوران ڪوئن جي متاثر 374 ماڻهن کي اسپتال داخل ڪيو ويو، جن ۾ 128 مرد ۽ 174 ٻارڙا شامل آهن.
اسپتال انتظاميا موجب 72 عورتون پڻ ڪوئن جي حملن جو نشانو بڻيون، جن کي طبي امداد ڏيڻ بعد فارغ ڪيو ويو.
خيبر پختونخواه جي حڪومت ڪوئا مار مهم به شروع ڪئي هئي، جيڪا سست رفتاري سبب ماڻهن کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*