عمران خان کي جمهوري انداز ۾ سياست ڪرڻ گهرجي، نه ته بني گالا ۽ لال حويلي سندن ڪارڪنن کان پري نه آهن،پاڻي ۽ بجليءَ واري مملڪتي وزير عابد شير علي

Abid-Shair-Ali-30416

پاڻي ۽ بجليءَ واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته عمران خان کي جمهوري انداز ۾ سياست ڪرڻ گهرجي، نه ته بني گالا ۽ لال حويلي سندن ڪارڪنن کان پري نه آهن، پاڪستان ۾ ڪوبه مقدس ڳئون نه آهي، سڀني جو احتساب ٿيندو.
فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عابد شير علي چيو ته جهانگير ترين شهباز شريف جو پائليٽ هوندو هو، ڪجهه ماڻهن 10 سالن تائين پرويز مشرف سان گڏجي حڪومت ڪئي.
هن چيو ته جيڪڏهن رائيونڊ ۾ حملو ٿيو ته بني گالا ۽ لال حويلي به نواز ليگ ڪارڪنن کان پري نه آهن، ڪنهن به وقت ڌرڻا هڻي سگهجن ٿا.
مملڪتي وزير عابد شير علي چيو ته عمران خان کي خدا جي عذاب کان ڊڄي جمهوري انداز ۾ سياست ڪرڻ گهرجي، ڪير به مقدس ڳئون نه آهي، سڀني جو احتساب ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*