ڊاڪٽر عاصم خلاف دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ رينجرز جي وڪيل سرڪاري جاچ آفيسر تي اهم ثبوت ۽ شاهديون گم ڪرڻ جو الزام هڻندي چيو

Dr-Asim-30416

ڊاڪٽر عاصم خلاف دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ رينجرز جي وڪيل سرڪاري جاچ آفيسر تي اهم ثبوت ۽ شاهديون گم ڪرڻ جو الزام هڻندي چيو آهي جاچ آفيسر القاعده جي 4 دهشتگردن، متحده جي 9 ٽارگيٽ ڪلرز ۽ لياري گينگ وار جي 14 جوابدارن جي علاج بابت بل گم ڪري ڇڏيا آهن.
ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين جوابدارن خلاف دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر عاصم ۽ عثمان معظم کي پيش ڪيو ويو، جڏهن ته ساڳي ڪيس ۾ نامزد قادر پٽيل، وسيم اختر ۽ انيس قائم خاني به پيش ٿيا آهن.
ٻڌڻي دوران رينجرز جي  وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران ڪيس جو جاچ آفيسر تبديل ڪرڻ وڏي بدنيتي هئي.
رينجرز جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته جاچ آفيسر ڊي ايس پي الطاف حسين ، القاعده جي 4 دهشتگردن، متحده جي 9 ٽارگيٽ ڪلرز ۽ لياري گينگ وار جي 14 جوابدارن جي علاج بابت بل گم ڪري ڊاڪٽر عايم کي فائدو پهچايو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*