پاڪستان تحريڪ انصاف پاران اجازت نه ملڻ باوجود لاهور ۾ جلسي جون تياريون جاري آهن، ڪارڪنن کي سرگرم ڪرڻ لاءِ اڄ جاڳرتا ريلي به ڪڍي پئي وڃي

Lhr-teyari-30416

پاڪستان تحريڪ انصاف پاران اجازت نه ملڻ باوجود لاهور ۾ جلسي جون تياريون جاري آهن، ڪارڪنن کي سرگرم ڪرڻ لاءِ اڄ جاڳرتا ريلي به ڪڍي پئي وڃي.
لاهور انتظاميا پاران مال روڊ تي جلسي ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ باوجود تحريڪ انصاف پنهنجي ضد تي قائم آهي، جلسي جون تيارين وارو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي.
تحريڪ انصاف پاران جلسي لاءِ ڪارڪنن کي سرگرم ڪرڻ لاءِ اڄ لبرٽي مارڪيٽ کان ريلي ڪڍي پئي وڃي.
ريلي مال روڊ، گَيريلي، مين بليوارڊ گلبرگ، جيل روڊ ۽ ڪئنال روڊ کان ٿيندي پنجاب اسيمبلي پهچي ختم ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*