پي ٽي آءِ جو ڪرپشن خلاف مارچ سکر پهچڻ بعد پنو عاقل لاءِ روانو ٿي ويو

Shah-Mahmood-30416

پي ٽي آءِ جو ڪرپشن خلاف مارچ سکر پهچڻ بعد پنو عاقل لاءِ روانو ٿي ويو آهي، شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته جيستائين ڪرپشن هوندي ملڪ ۾  نا انصافين، لاقانونيت ۽ ميرٽ جي لتاڙ بند نه ٿيندي.
تحريڪ انصاف جو ڪرپشن خلاف لانگ مارچ مختلف شهرن کان ٿيندو سکر پهچڻ بعد  پنو عاقل لاءِ رونو ٿي ويو، ان دوران ڪارڪنن ڪرپشن خلاف سخت نعريبازي ڪئي.
قافلي جي روانگي کان اڳ ڊسٽرڪٽ بار کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي جو چوڻ   هو ته جيستائين ملڪ ۾ ڪرپشن آهي ته ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي.
شاهه محمود قريشي چيو ته ڪرپشن سبب ملڪ ۾  نا انصافيون، لاقانونيت ۽ ميرٽ جي لٽاڙ سميت ٻيا ڪيترائي مسئلا آهن، جن جي حل لاِءِ هو عوام سان گڏ روڊن تي نڪتا آهن.
شاهه محمود قريشي چيو ته ڪرپشن خلاف سان جي ڪارروان کي سنڌ جي ماڻهن تمام سٽي موٽ ڏني آهي، هاڻي عوام ڪرپٽ حڪمرانن مان جان آجي ڪرائڻ چاهي ٿو………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*