پيرڳوٺ ۾ بااثرن پاران مبينا طور زمين تي قبضو ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري انصاف فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي

Pir-gout-Protest-30416

پيرڳوٺ ۾ بااثرن پاران مبينا طور زمين تي قبضو ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري انصاف فراهم ڪرڻ جي اپيل  ڪئي آهي.
ڳوٺ ننڍا کبڙا جي رهواسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت فارق احمد، عبدالجبار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.
مظاهرين چيو ته ڳوٺ جو هڪ بااثر سندن زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ پوليس جي مدد  سان کين حراسا ڪري رهيو آهي.
هنن چيو ته بااثر جي چوڻ تي پوليس ڪيترائي ڀيرا سندن گهرن تي چڙهايون ڪري ڳوٺاڻن تي تشدد ڪيو آهي، ۽ هڪ ڳوٺاڻي کي کنڀي گم ڪيو آهي.
هنن مطالبو ڪيو ته بااثر ۽ پوليس جي نا انصافين جو نوٽيس وٺي کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*