سيوهڻ ۾ ايس ڊي او حيسڪو جي مبينا نا انصافين ۽ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Sehwan-Protest-30416

سيوهڻ ۾ ايس ڊي او حيسڪو جي مبينا نا انصافين  ۽ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ  خلاف شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي شهر ۾ سمورا ڪاروباري مرڪز بند شهرين بينرز کڻي شاهي بازار کان احتجاجي مظاهرو ڪري شهر جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو.
اڳواڻن چيو ته شهر جي ڪانگڙي پاڙو، مڪراني محلو، کڏ محلو سميت ٻين ڪيترن ئي علائقن جا ٽرانسفارمر سڙيل حالت ۾ پيل آهن، پر حيسڪو انتظامه ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي.
هنن چيو ته سخت گرمي باوجود حيسڪو انتظاميا ٽرانسفارمر تبديل نه ڪيا آهن، بجلي نه هئڻ ڪري شهري سخت عذاب ڀوڳي رهيا آهن.
هنن چيو ته شهرين ڏي واڌو بل اماڻڻ باوجود 16 کان 18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جيڪا عوام سان نا انصافي آهي.
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته شهر جا سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل ڪري لوڊشيڊنگ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايوويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*