طاقتور کي غريبن کي چٿڻ کان روڪڻ گهرجي، پ پ جي حڪومت برطرف پورهيتن کي بحال ڪيو،اڳوڻي صدر آصف علي زرداري

Asif Ali zardari iran 15-7

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته طاقتور کي غريبن کي چٿڻ کان روڪڻ گهرجي، پ پ جي حڪومت برطرف پورهيتن کي بحال ڪيو، نجڪاري جي نالي تي سيڙپڪارن کي پورهيتن جي استحصال جي اجازت نه ڏني ويندي.
پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاران جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ويو آهي ته نجڪاري جي نالي تي پورهيتن کي بيروزگار ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
هن چيو ته پورهيت معاشري ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا، سيڙپڪارن کي پورهيتن جو استحصال ڪرڻ نه ڏنو ويندو.
آصف علي زرداري چيو ته طاقتور کي غريبن کي چٿڻ کان روڪڻ گهرجي، جيئن اختيارن ۾ واڌ ٿيندي رهندي آهي، تيئن دولت ۾ به واڌارو ٿيندو رهندو آهي.
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته پ پ پ پنهنجي گذريل حڪومت دوران برطرف پورهيتن کي بحال ڪيو ۽ هاڻي به ساڻن ڪلهو ڪلهَي ۾ ملائي بيٺل آهي، کين جائز حق ڏيارڻ لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*