شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ بورڊز مٿان سنڌي لکيل نه هجڻ وارو معاملو ڪي ٽي اين نيوز جي پروگرام اشوز ۾ کڻڻ بعد يونيورسٽي بورڊز تي لکيل اردو وارا لفظ ته ڊاهرائي ڇڏيا پر اڃا تائين ڪنهن بورڊ تي سنڌي ۾ ڪو نالو ناهي لکيو ويو

shahabdul-latif-university-30416

شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ بورڊز مٿان سنڌي لکيل نه هجڻ وارو معاملو ڪي ٽي اين نيوز جي پروگرام اشوز ۾ کڻڻ بعد يونيورسٽي بورڊز تي لکيل اردو وارا لفظ ته ڊاهرائي ڇڏيا پر اڃا تائين ڪنهن بورڊ تي سنڌي ۾ ڪو نالو ناهي لکيو ويو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نالي سان منسوب سنڌ جي اهم درسگاهه شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ڪئمپس ۾ لڳل بورڊز تي شعبن، آفيسن ۽ هاسٽلز جا نالا انگريزي ۽ اردو ٻولين ۾ لکيل هئڻ تي ساڃاهه وندن پاران حيرت جو اظهار ڪيو پيو وڃي.
ڪي ٽي اين نيوز جي پروگرام اشوز ۾ ان معاملي کي موضوع بڻائڻ بعد انتظاميا تحرڪ ۾ آئي ۽ بورڊز تان اردو ۾ لکيل شعبن، آفيسن ۽ هاسٽلز جا نالا ڊاهرائي ڇڏيا، تنهن هوندي به سنڌي ۾ ڪنهن به شعبي جو نالو ناهي لکيو ويو.
هن وقت بورڊز تي رڳو انگريزي ۾ شعبن، آفيسن ۽ هاسٽلن جا نالا لکيل آهن، رڳو مين روڊ تي لڳل يونيورسٽي جي مکيه بورڊ تي سنڌي ۾ يونيورسٽي جو نالو لکيل آهي، جيڪو به پڻ گهڻو وقت اڳ جو لکيل  آهي.
شاهه لطيف يونيورسٽي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد سائن بورڊ اردو ۾ ٺهرايا ويا، 15 ڏينهن اندر ٻيهر سنڌيءَ ٻولي ۾ سائن بورڊ تي نالا لکرايا ويندا…………………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*