دادو ويجهو پوليس ڪارروائي دوران مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو

dadu-muder

دادو  ويجهو پوليس ڪارروائي دوران مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدار پوليس اهلڪارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي قتل ۾ ملوث هو.

پوليس موجب دادو ۽ حيدرآباد ٿاڻن جي پوليس ڪيٽي جتوئي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪئي ته هٿياربندن سان مقابلو ٿي پيو.

پوليس موجب ڏوهارين سان فائرنگ جي نتيجي ۾  شڪارپور ضلعي جو بدنام ڏوهاري اسماعيل خروس جتوئي مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري اسماعيل خروس جتوئي پوليس اهلڪارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي قتل ۾ ملوث هو، جنهن جي قبضي مان ڪ ڪلاشنڪوف هٿ ڪئي وئي آهي.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو مارجي ويل ڏوهاري تي شڪارپور، لاڙڪاڻو ۽ ٻين ضلعني جي مختلف ٿاڻن تي اغوا ۽ قتل جا 50 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن ۽ مٿس  10 لک رپيا انعام به رکيل هو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*