سجاول جوڻيجو ويجهو جوابدار زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو

sejawal26-8

سجاول جوڻيجو ويجهو جوابدار زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو، پوليس مقتول عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو آهي.

ڳوٺ ڇٽل مستوئي ۾ جوابدار رياض مستوئيءَ  پنهنجي زال شبنم کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويو.

اطلاع تي پوليس پهچي مقتول عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس جو  چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جوابدار جي گرفتاري لاش ڪوششون جاري آهن……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*