تحريڪ انصاف اڄ لاهور ۾ سياسي طاقت جو ڀرپور مظاهرو ڪرڻ لاءِ جلسي جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون

pti

تحريڪ انصاف اڄ لاهور ۾ سياسي طاقت جو ڀرپور مظاهرو ڪرڻ لاءِ جلسي جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، عورتن لاءِ پنڊال ۾ ڌار ڪارنر ٺاهيو ويو، جڏهن ته لاهور پوليس عمران خان تي دهشتگرد حملي جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو.

لاهور جي مال روڊ تي تحريڪ انصاف جو جلسو ٿيندو، جنهن کي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سميت ٻيا مرڪزي اڳواڻ خطاب ڪندا.

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان، عليم خان سان گڏ جلسي واري هنڌ پهچي تيارين جو جائزو ورتو، کيس آگاهي به ڏني وئي، جڏهن ته سڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ٿيل آهن.

ٻئي پاسي لاهور پوليس عمران خان کي بلٽ پروف گاڏي استعمال ڪرڻ ۽ ماڻهن جي رش کان پري رهڻ جي صلاح ڏني آهي.

لاهور پوليس چيو آهي ته بندش پيل تنظيم لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ عمران خان تي حملي جي رٿابندي ڪئي آهي، دهشتگرد مٿس ڪنهن به وقت حملو ڪري سگهن ٿا…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*