پشاور جَي حيات آباد سميت مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ حساس ادارن گڏيل ڪارروائين دوران 28 افغانين سميت 100 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا

peshawar-police

پشاور جَي حيات آباد سميت مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ حساس ادارن گڏيل ڪارروائين دوران 28 افغانين سميت 100 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن.

حيات آباد ۽ ڦندو سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ پوليس  ۽ حساس ادارن سرچ آپريشن ڪيو، جنهن دوران سوين گهرن جي جهڙتي ورتي وئي.

پوليس موجب، سرچ آپريشن دوران 28 افغانين سميت شڪ جي بنياد تي 100 کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيل ماڻهن مان ڪجهه ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث آهن، جن وٽان مختلف قسم جا هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*