ملتان جي سميجه آباد واري علائقي ۾ ٻن جوابدارن پورهيت مٿان پئٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي

multan-tazab-hadso

ملتان جي سميجه آباد واري علائقي ۾ ٻن جوابدارن پورهيت مٿان پئٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، ڊاڪٽرن موجب باهه سبب پورهيت جو 50 سيڪڙو جسم سڙي ويو، شجاع آباد ۾ اڻڄاتل ماڻهن عورت ۽ سندس ٽن ٻارن تي تيزاب هاري ڇڏيو، چئني کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

سميجه آباد واري علائقي ۾ ٻن جوابدارن هڪ پورهيت مٿان پئٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، جنهن سبب سڙي سخت زخمي ٿي پيو.

پورهيت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي.

ڊاڪٽرن موجب باهه سبب پورهيت جو 50 سيڪڙو جسم سڙي ويو، جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

شجاع آباد واري علائقي ۾ اڻڄاتل ماڻهن گهر ۾ داخل ٿي عورت ۽ سندس ٽن ٻارن تي تيزاب هاري ڇڏيو.

عورت ۽ ٻارن جي رڙين تي پاڙي وارن پهچي کين اسپتال منتقل ڪيو، جتي سندن حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پوليس موجب شروعاتي طور واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*