ايف آءِ اي اسلام آباد ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪري جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ذريعي پرڏيهه سفر ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪري ورتو

islamabad airport

ايف آءِ اي اسلام آباد ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪري جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ذريعي پرڏيهه سفر ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪري ورتو، ايف آءِ اي موجب جوابدار جو تعلق سوات سان آهي، کيس وڌيڪ جاچ لاءِ اسمگلنگ جي خاتمي واري سيل منتقل ڪيو ويو.

ايف آءِ اي شهيد بينظير ڀٽو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪري جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ تي سفر ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.

ايف آءِ اي اختيارين موجب ڪارروائي دوران سوات سان تعلق رکندڙ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو جعلي پاسپورٽ ذريعي سفر ڪري رهيو هو.

ايف آءِ اي موجب جوابدار کي وڌيڪ جاچ لاءِ اسمگلنگ جي خاتمي واري سيل منتقل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*