گهاري ۾ نامعلوم جوابدارن ڦر دوران مزاحمت تي واپاري کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو

gharo-protest

گهاري ۾ نامعلوم جوابدارن ڦر دوران مزاحمت تي واپاري کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، واقعي خلاف واپارين ڪاروباري مرڪز بند ڪري احتجاج ڪيو.

هٿيار بندن واپاري جي گهر مان ڦر ڪئي ته مزاحمت ڪرڻ تي جوابدارن نوجوان مالڪ مظفر جوکيو گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.

واقعي خلاف مظفر احمد جوکيو، مرتضيٰ جوکيو ۽ ٻين جي  اڳواڻي ۾ موبائيل مارڪيٽ بند ڪري ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته شهر ۾ روزانو ڦريون ۽ چوريون معمول بڻيل آهن، جنهن ڪري شهرين جو جيئن جنجال ٿي ويو آهي،پر پوليس ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته واپاري جي گهر مان ڦر ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري شهر ۾ وڌندڙ بد امني تي ضابطو آندو وڃي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*