آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي نڪرندڙ ريلن ۽ عوامي هنڌن تي سيڪيورٽي جا غير معمولي اپاءُ وٺڻ جون هدايتون

IG-Sindh-1-1

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي نڪرندڙ ريلن ۽ عوامي هنڌن تي سيڪيورٽي جا غير معمولي اپاءُ وٺڻ  جون هدايتون ڪندي چيو آهي ته پوليس عوام کي پرامن  ۽ پرسڪون ماحول جي فراهمي کي يقيني بڻائي.

ڪراچي مان جاري ڪيل بيان تحت آءِ جي سنڌ هدايتون جاري ڪيون آهن ته پوليس جي ڪانٽي جينسي پلان تي عمل ڪندي سمورن عوامي هنڌن، تفريحي پارڪس،  سمنڊ ڪناري، عبادتگاهن، شاپنگ سينٽرز ۽ مارڪيٽن ۾ حفاظتي انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي.

آءِ جي سنڌ سمورن ڊي آءِ جيز کي هدايتون ڏنيون آهن ته هو سمورن واسطيدار ايس ايس پيز کي سيڪيورٽي جي معاملن جي نگراني جو پابند ڪرڻ سميت ايس ڊي پي اوز ۽ ايس ايڇ اوز کي علائقن ۾ سنيپ چيڪنگ، پيٽرولنگ، پڪٽنگ ۽ ٻين اپائن کي به وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جو پابند بڻائن.

آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو آهي ته پوليس عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جهڙا بنيادي فرض محنت ۽ پيشوراڻين گهرجن موجب سرانجام ڏئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*