پنجاب جَي شهر ملتان ۾ ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ پٽ سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا

Multan-College-15-1

پنجاب جَي شهر ملتان ۾ ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ پٽ سميت  3 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪوهاٽ ۾ سامان سان ڀريل ڊمپر وين مٿان ڪلٽي ٿيڻ سبب 3 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا.

 ملتان جي شجاع آباد ڀرسان تيز رفتار ٽرڪ جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو.

حادثي جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ پٽ سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور زخمي ٿي پيو آهي.

اطلاع ملڻ تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمي کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

ٻئي پاسي ڪي پي جي ڪوهاٽ واري علائقي ۾ سامان سان ڀريل ڊمپر تيز رفتاري سبب مسافر وين مٿان ڪلٽي ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*