عزير بلوچ جي، جي آءِ ٽي تي جاچ ڪندڙ عملدارن ۾ اختلاف سامهون اچي ويا

uzar-baloch

عزير بلوچ جي، جي آءِ ٽي تي جاچ ڪندڙ عملدارن ۾ اختلاف سامهون اچي ويا آهن، ذريعن موجب جاچ ڪندڙ عملدار ٻن گروپن ۾ ورهائجي وڃڻ سبب جي آءِ ٽي رپورٽ به ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي آهي.

ذريعن موجب   عذير بلوچ جي، جي ٽي آءِ ٽي ۾ شامل پوليس آفيسر عذير بلوچ پاران سياسي شخصيتن سان لاڳاپن بابت ڪيل انڪشافن تي متفق ناهن ۽ انهن رپورٽ  تي صحيحون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب عذير بلوچ جي آءِ ٽي جي سامهون اهم انڪشاف ڪندي ڪيترن ئي سياسي شخصيتن سان لاڳاپن جو اعتراف ڪيو آهي.

ذريعن موجب عذير بلوچ پاران ڪجهه مخصوص سياسي شخصيتن سان رابطن تي اسپيشل برانچ، سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي آفيسرن رپورٽ تي صحيحون ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي.

ذريعن موجب عذير بلوچ جي جي آءِ ٽي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو ، پهرين حصي ۾ عذير بلوچ جي ڏوهن جا تفصيل شامل آهن، جڏهن ته ٻئي حصي ۾ مبينا طور سياسي شخصيتن سان لاڳاپن جو ذڪر آهي.

پهرين حصي تي حساس ادارن، رينجرز ۽ پوليس ۾ اتفاق آهي ۽ سمورن ادارن ان تي صحيحون به ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته ٻئي حصي ۾ عذير بلوچ پاران اهم سياسي شخصيتن جا نالا وٺڻ تي پوليس آفيسرن، اسپيشل برانچ ۽ سي ٽي ڊي جي آفيسرن رپورٽ تي صحيحون ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي.

ذريعن موجب جي آءِ ٽي ۾ شامل پوليس آفيسرن کي اعليٰ آفيسرن ۽سياسي شخصيتن طرفان اهڙي رپورٽ تي صحيحون ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مخصوص سياسي شخصيتن جا وهارين سان رابطا ظاهر ٿيندا هجن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*