تحريڪ انصاف جي جلسي سبب چڙيا گهر بند هئڻ سبب تفريح لاءِ آيل ماڻهو مايوس ٿي واپس موٽڻ تي مجبور

lahore-pti-jalsa

تحريڪ انصاف اڄ لاهور ۾ سياسي طاقت جو ڀرپور مظاهرو ڪرڻ لاءِ جلسي جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، چڙيا گهر بند هئڻ سبب تفريح لاءِ آيل ماڻهو مايوس ٿي واپس موٽڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته لاهور پوليس عمران خان تي دهشتگرد حملي جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو.

تحريڪ انصاف حڪومت کي ٽف ٽائم ڏيڻ لاءِ لاهور جي مال روڊ تي پنڊال سجائي ورتو آهي، جنهن کي عمران خان، شاهه محمود قريشي ۽ عليم خان سميت ٻيا مرڪزي اڳواڻ خطاب ڪندا.

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان، عليم خان سان گڏ جلسي واري هنڌ پهچي تيارين جو جائزو ورتو، کيس اسٽيج جي حوالي سان آگاهي به ڏني وئي.

جلسي ۾ ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ سي سي ٽي وي ڪئمرائن ذريعي مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

ٻئي پاسي لاهور پوليس عمران خان کي بلٽ پروف گاڏي استعمال ڪرڻ ۽ ماڻهن جي رش کان پري رهڻ جي صلاح ڏني آهي.

لاهور پوليس چيو آهي ته بندش پيل تنظيم لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ عمران خان تي حملي جي رٿابندي ڪئي آهي، دهشتگرد مٿس ڪنهن به وقت حملو ڪري سگهن ٿا.

هوڏانهن پي ٽي آءِ جي جلسي سبب تفريحي ماڳ چڙيا گهر  کي بند ڪيو ويو آهي، جنهن سبب شهرين ۾ مايوسي پکڙيل آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*