ڪراچي جي بلديا واري علائقي ۾ فيڪٽري کي لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو

karachi-baldia-fire-

ڪراچي جي بلديا واري علائقي ۾ فيڪٽري کي  لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو آهي، باهه وسائڻ دوران 2 فائر فائيٽر زخمي ٿي پيا آهن.

بلديا جي رشيد آباد واري علائقي ۾ بارداڻو ٺاهيندڙ فيڪٽري کي باهه لڳڻ کانپوءِ شهر جي مختلف علائقن مان گهرايل فائربرگيڊز ٻن ڪلاڪن جي ڪوششن بعد باهه تي ضابطو آندو.

فيڪٽري کي لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ بعد ان جي ڪولنگ وارو عمل جاري آهي.

باهه وسائڻ دوران 2 فائر فائيٽر زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*