سنڌ ۾ گرميءَ جي لهر برقرار آهي، منجهند 3 وڳي نوابشاهه ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي 47 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي

hot weather

سنڌ ۾ گرميءَ جي لهر برقرار آهي، منجهند 3 وڳي نوابشاهه ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي 47 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي، سکر، شڪارپور ۽ خيرپور ۾ 46 سينٽي گريڊ رڪارڊ رڪارڊ ڪئي وئي، تفريحي ماڳ گورک هل تي سڀ کان گهٽ گرمي پد 34 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ گرميءَ جي لهر برقرار آهي، منجهند 3 وڳي سڀ کان وڌيڪ گرمي پد نوابشاهه ۾ 47 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

ڪراچي ۾ گرمي پد 35 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته سکر، خيرپور ۽ شڪارپور ۾ 46 سينٽي گريڊ جڏهن ته لاڙڪاڻي، دادو، جيڪب آباد ۽ نوشهري فيروز ۾ گرمي پد 44 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

گهوٽڪي، ڪشمور ۽ مٺي ۾ 43 سينٽي گريڊ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ۾ 42 سينٽي گريڊ، جڏهن ته حيدرآباد ۾ 41  سينٽي گريڊ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو.

قهر جي گرمي هئڻ باوجود اڪثر شهرن ۾ بجليءَ جي 14 کان 16 ڪلاڪ ۽ ٻهراڙين ۾ 16 کان 18 ڪلاڪ بجلي لوڊشيڊنگ سبب رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*