حڪومت پورهيتن کي جائز حق ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، ملڪي معيشت جي بهتري پورهيتن سان سلهاڙيل آهي:وزير اعظم نواز شريف

nawaz-in-meeting

وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته حڪومت پورهيتن کي جائز حق ڏيارڻ لاءِ  جدوجهد ڪري رهي آهي، ملڪي معيشت جي بهتري پورهيتن سان سلهاڙيل آهي.

پورهيتن جي ڏينهن تي جاري ڪيل پيغام ۾ وزيرا عظم نواز شريف چيو ته پورهيتن کي جائز حق ملڻ تائين ملڪ گهربل مقصد حاصل نه ڪري سگهندو، پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي سان خطي جي ڪروڙين ماڻهن جي زندگي  ۾ انقلاب ايندو،.

هن چيو ته حڪومت ملڪي ترقي ۾ پورهيتن جي ڪردار کي تسليم ڪري ٿي، پورهيتن جي معاشي بهتري ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ ڪوششون جاري آهن.

وزير اعظم چيو ته پائيدار معاشي ترقي پورهيتن جي محنت سان ئي ممڪن آهي، حڪومت پورهيتن کي سماجي ۽ معاشي درجو ڏيارڻ لاءِ پر عزم آهي.

نواز شريف چيو ته حڪومت معاشي ترقي جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي، ملڪي ترقي لاءِ پورهيت طبقي کي وڌيڪ محنت ڪرڻ گهرجي.

وزير اعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته اقتصادي راهداري منصوبي سان خطي جي ڪروڙين ماڻهن جي زندگي  انقلاب ايندو، حڪومت راهداري منصوبي کي گهربل وقت ۾ مڪمل ڪري نئين تاريخ رقم ڪندي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*