ڪراچي جي ڪلفٽن پوليس لانڍي ٿاڻي تي حملي ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث دهشتگرد حنيف عرف گنجا کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

Karachi-Police

ڪراچي جي ڪلفٽن پوليس لانڍي ٿاڻي تي حملي ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث دهشتگرد حنيف عرف گنجا کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ايس ايس پي ڏکڻ ڊاڪٽر فاروق موجب ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري دهشتگرد حنيف عرف گنجا کي گرفتار ڪيو ويوآهي، جنهن لانڍي ٿاڻي تي دستي بم حملي جو اعتراف ڪيو آهي.

ايس ايس پي ڏکڻ موجب دهشتگرد حنيف عرف گنجا دهشتگرد ٽوڙ عدالتن کي مختلف ڪيسن ۾ گهربل هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*