نوابشاهه ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان گهر کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻارڙو سڙي فوت ٿي ويو

nawabshah-child-death

نوابشاهه ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان گهر کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻارڙو سڙي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس امڙ سڙي زخمي ٿي پئي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

شهر جي تاج ڪالوني ۾ اي سي مان لڳل باهه گهر کي وڪوڙي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 مهينن جو ٻارڙو احسان پٽ خوشي محمد ملڪ فوت ٿي ويو.

باهه لڳڻ سبب فوتي ٻارڙي جي ماءُ شمي سڙي زخمي ٿي پئي، جنهن نوابشاهه جي پي ايم يو اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري ڪراچي ريفر ڪيو ويو آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*