اتر پرديش ۾ دبنگ سلمان خان جي “سلطان” ٽيڪس فري قرار

sultan-

اترپرديش جي رياستي حڪومت دبنگ سلمان خان جي فلم “سلطان“ کي ٽيڪس فري قرار ڏئي ڇڏي آهي. ان کان اڳ اتر پرديش جي وڏي وزير اکيليش يادوَ يش راج فلم کي شوٽنگ به مڪمل طور مفت ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي، جنهن تي سلمان خان توڙي ڊائريڪٽر علي عباس ظفر سوشل ميڊيا تي حڪومت جا ٿورا مڃيا هئا. هاڻي اتر پرديش حڪومت پاران “سلطان” جي نمائش ٽيڪس فري قرار ڏئي ڇڏي آهي، حڪومت جو چوڻ آهي ته سندن مقصد ٻين پروڊيوسرز ۽ ڊائريڪٽرز کي اها ترغيب ڏيڻ آهي ته اهي به اتر پرديش ۾ فلمن جي شوٽنگ ڪن. سلطان جي ڪاسٽ ۾ انوشڪا شرما، رنديپ هودا ۽ اميت ساڌ شامل آهن، فلم عيدالفطر تي رليز ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*