ميڪسيڪو ۾ گڏهن کي هڪ ڏينهن لاءِ بادشاهه بڻايو ويو

donkey

16 هين صدي ميڪسيڪو ۾ گڏهن کي هڪ ڏينهن لاءِ بادشاهه بڻايو ويندو هو، هاڻي به ميڪسيڪو ۾ پهرين مئي تي گڏهن جو ڏهاڙو ملهايو وڃي ٿو.

ميڪيسڪو جي ٻهراڙي واري اوٽومبا ٽائون ۾ 16هين صدي ۾ اها روايت هوندي هئي ته گڏهن کي هڪ ڏينهن لاءِ بادشاهه جو درجو ڏنو ويندو هو، جيڪو جديد دور ۾ پهرين مئي تي گڏهن جو ڏهاڙو ملهائڻ وارو ميلو بڻجي ويو آهي.

پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي ميڪسيڪو ۾ گڏهن جو ڏهاڙو ملهايو وڃي ٿو، جنهن ۾ هزارين ماڻهو شرڪت ڪن ٿا، جنهن ۾ مالڪ پنهنجي گڏهن کي هار سينگار ڪري آڻيندا آهن، هيل هڪ گڏهه کي ريپبليڪن امريڪي صدارتي چونڊن لاءِ اميدوارن جي ڊوڙ ۾ شامل ڊونلڊ ٽرمپ جهڙو وڳو پهرايو ويو ه.

اٽومبا جي حڪومت جو چوڻ هو ته هيل گڏهن جي ڏهاڙي جو اهم موضوع گڏهن جو تحفظ هو، جن جو نسل جديد ٽيڪنالاجي سبب خطري ۾ پئجي ويو آهي.

حڪومتي نمائندي سييليا ساميجي موجب ڪنهن دور ۾ گڏهن کي سفر لاءِ ڪتب آندو ويندو هو، بار ڍوئڻ سميت ان کان مختلف ڪم ورتا ويندا هئا پر هاڻي انهن جي جاءِ ٽيڪنالاجي والاريندي پئي وڃي، پر ميونسپالٽي گڏهن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، جنهن ۾ گڏهن جي نسل کي وڌايو پيو وڃي.

اٽومبا جي رهواسين جو چوڻ هو ته گڏهن يا پورهيتن جي ڏهاڙي جو ڇا مطلب آهي؟ گڏهن تي جيڪو بار لڏيو اهو کڻي هو منزل تي پهچائين ٿا، گڏهن سڀني لاءِ فخر آهي، جن کانسواءِ اهي پاڻ کي بي ملهه سمجهن ٿا.

60 سال اڳ اٽومبا جي شهري ڪم ڪندڙ جانورن تي گهڻو دارومدار رکندا هئا، جنهنڪري انهن اهو فيصلو ڪيو هو ته پورهئي ۾ ڪتب ايندڙ جانورن جي اعزاز ۾ انهن جو ڏهاڙو ملهايو ويندو، جنهن بعد پهرين مئي تي پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ميڪسيڪو جي اٽومبا شهر ۾ گڏهن جو ڏهاڙو ملهايو ويندو  آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*