پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي امريڪا، فرانس ۽ چلي ۾ پورهيتن جي حقن جي ريلين دوران پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪرين

1-may-protest

پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي امريڪا، فرانس ۽ چلي ۾ پورهيتن جي حقن جي ريلين دوران پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪرين دوران پٿراءُ ۽ شيلنگ ۾ ڪيترائي اهلڪار ۽ احتجاج ڪندڙ زخمي ٿي پيا.

امريڪي شهر سيٽل م پورهيتن جي ريلي دوران مڇريل مظاهرين پوليس تي پٿرن ۽ بوتلن جو وسڪارو لائي ڏنو، جنهن دوران ٻه اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڪيترين ئي عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا.

امريڪا ۾ پهرين مئي تي پورهيتن ۽ وطن ترڪ ڪري ايندڙن جي حقن لاءِ ريليون ڪڍيون وينديون آهن پر موقعي جو فائدو وٺندي ڪيترائي مظاهرين ان کي پوليس جي تشدد خلاف به استعمال ڪندا آهن.

مقامي ميڊيا موجب سيٽل پوليس وڳوڙن جي الزام هيٺ 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ احتجاج ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ مٿن مرچن جو اسپري ڪرڻ سان گڏ بلاسٽ بال جو به استعمال ڪيو ويو.

ٻئي پاسي لاس اينجلس ۾ به پهرين مئي جي حوالي سان نڪتل ريلي دوران ريپبليڪن صدارتي اميدوارن جي ڊوڙ ۾ شامل ڊونلڊ ٽرمپ جي پناهگيرن جي پاليسي خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو.

هوڏانهن فرانس ۾ پهرئين مئي جي ريلي دوران نقاب پوش نوجوانن فرانس جي پورهيتن بابت قانون خلاف احتجاج ڪيو.

پيرس ۾ احتجاجي ريلي دوران 300 کان وڌيڪ مڇريل نوجوانن پوليس تي پٿراءُ ڪيو، پوليس شيلنگ بعد ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

ٻئي پاسي لاطيني امريڪي ملڪ چلي ۾ به پهرئين مئي جي حوالي سان نڪتل ريلي دوران پورهيتن بابت سڌارن خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو، سنتياگو ۾ هزارين احتجاج ڪندڙن پوليس پٿراءُ ڪيو، جن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس مٿن شيلنگ ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*