اليڪشن ڪميشن جي معاملن ۾ عدالت جي مداخلت سبب مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن:سعيد غني

senator-saeed-ghani

سينيٽ جي پارلياماني معاملن بابت ڪميٽي جي چيئرمين سعيد غني چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي معاملن ۾ عدالت جي مداخلت سبب مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، عدالتون اهڙا فيصلا ٻڌائي رهيون آهن، جن جو اليڪشن ڪميشن جي آئين ۾ ذڪر نه آهي.

سينيٽ جي پارلياماني معاملن بابت ڪميٽي جي چيئرمين سعيد غني جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

ڪميٽي چيئرمين سعيد غني چيو ته اليڪشن ڪميشن جي معاملن ۾ عدالتي مداخلت سبب مڪاني چونڊن ۾ مسئلا پيدا ٿيا، سپريم ڪورٽ کي اليڪشن ڪميشن جي معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري چيو ته آئين موجب، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جا حڪم مڃڻ جو پابندي آهي، جڏهن ته عدالت جي ڪنهن به حڪم کي غير آئيني قرار ڏيڻ جو اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ نه آهي.

سعيد غني چيو ته اليڪشن ڪميشن جي آئين ۾ اهو ڪٿي به ناهي لکيل ته عدالت جي ابتن سبتن فيصلن کي مڃيو وڃي.

ن ليگ جي نيهال هاشمي چيو ته اليڪشن ٽربيونل ۾ درست نموني ڪم نه ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ٽربيونل کي مقرر وقت اندر فيصلو ڏيڻ جو پابند بڻايو وڃي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*