لاهور ۾ تحريڪ انصاف جي جلسي دوران عورتن سان ڇيڙ ڇاڙ ۽ بدتميزي واري واقعي جو سول لائينز ٿاڻي تي ڪيس داخل

pti jalsa

لاهور ۾ تحريڪ انصاف جي جلسي دوران عورتن سان ڇيڙ ڇاڙ ۽ بدتميزي واري واقعي جو سول لائينز ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سي سي ٽي وي فٽيجز ذريعي 50 جوابدارن جي نشاندهي ٿي وئي آهي، ضرورت پوڻ تي عمران خان کي به گرفتار ڪري سگهجي ٿو.

پي ٽي آءِ جي لاهور جي مال روڊ تي جلسي دوران عورتن سان ڇيڙ ڇاڙ ۽ بدتميزي واري واقعي جو سول لائنز ٿاڻي تي سب انسپيڪر بشريٰ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ آر ۾ عورتن کي هيسائڻ، زخمي ڪرڻ ۽ اغوا جي ڪوشش جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سي سي ٽي وي فوٽيجز ذريعي 50 ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي.

هن چيو ته تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت عورتن کي هيسائڻ ۾ ملوث آهي، عمران خان سميت ٻين اڳواڻن کي گرفتار ڪري سگهجي ٿو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*