چين ۾ ڳاڙهي رنگ جا ٻه وڏا پوپٽ دريافت ڪيا ويا

red-butterfly

چين ۾ ڳاڙهي رنگ جا ٻه وڏا پوپٽ دريافت ڪيا ويا آهن، جن جا پر 23 سينٽي ميٽر ڊگها ۽ عقاب جي چهنب جهڙا نظر اچن ٿا.

ڄاڻايل پوپٽ جهڙا جيت گونگ ڊونگ صوبي جي هڪ گودام ۾ ڏٺا ويا، جن کي ڏسي اتي ڪم ڪندڙ پورهيت پهرين ته حيران ٿي ويو ته هي ڪهڙي قسم جا جيت آهن، ڇاڪاڻ ته ان وقت اهي چرپر نه ڪري رهيا هئا.

پورهيت جو چوڻ هو ته بعد کيس پروڙ ٿي ته اهي پوپٽ نما جيت آهن، جنهن بعد هن انهن جي پرن جي ماپ ڪئي ته اهي 23 سينٽي ميٽر ڊگها هئا.

پر محققن جو چوڻ آهي ته اهي پوپٽ نه پر دنيا جا سڀ کان وڏا پتنگ يا پروانه آهن، جن کي اٽاڪس اٽلس سڏيو ويندو آهي.

محققن موجب انهن پتنگن جا پر ايئن ڍڪيل هوندا آهن، ڄڻ نانگ جو مٿو نظر ايندو هو، انڪري انهن کي نانگ جي مٿي وارا پتنگ به ڪوٺيو ويندو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*