جاپان ۾ تلوارن سان ويڙهه جا ساليانا مقابلا ٿيا

japani-fight-day

جاپان ۾ تلوارن سان ويڙهه جا ساليانا مقابلا ٿيا، جن ۾ سوين ٻارن توڙي نوجوانن حصو وٺي هڪٻئي تي اسپنج سان ٺاهيل تلوارن سان وار ڪيا.

جاپان ۾ تلوارن جي ويڙهه واري راند کي “چمبارا” سڏيو وڃي ٿيو، ٽوڪيو جي پارڪ ۾ تلوارن جي ويڙهه ۾ اڍائي سئو ٻارن توڙي نوجوانن حصو ورتو.

راند ۾ عمر جي ڪا قيد نه هجڻ سبب ننڍڙا ٻار توڙي نوجوان هڪٻئي سان وڙهندا نظر اچي رهيا هئا، جن جو هدف ٻانهن تي لڳل رنگين بال هوندو آهي، جنهن کي زندگي جو نالو ڏنو ويو آهي، ان تي حملي جي صورت ۾ سامهون وارو رانديگر هارائي ويندو.

چمبارا راند جا مختلف مرحلا آهن، جن مان پهريون مرحلو وڏين ٽيمن جي هڪٻئي سان ويڙهه آهي، انکانپوءِ ٽيمن کي پنهنجي سمورائي ديوتا کي بچائڻو آهي، جيڪڏهن هڪ ٽيم ٻي ٽيم جي ديوتا جي زندگي واري بال تي حملي ۾ ڪامياب ٿي وڃي ته اها کٽي وٺندي.

راند جو ٽيون مرحلو سمورائي ويڙهه “بيٽل رائل” آهي، جنهن ۾ هرڪو ٻئي سان وڙهي ٿو، هلندڙ سال ويڙهه جي فائنل ۾ ٻه عورتون ۽ هڪ ڇوڪرو بچيو پر مقابلي ۾ ڇوڪرو به هارائي ويو ۽ ٻن عورتن ۾ آخري ويڙهه ٿي، پر آخر ۾ مقابلو برابر رهيو.

5 سال اڳ شروع ٿيل تلوارن جي ويڙهه واري راند هاڻي سڄي جاپان ۾ مقبول ٿي وئي آهي پر نيوزيلينڊ ۾ به ان قسم جا مقابلا ٿي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*