ايشائي عوام جو تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي ورثو مختلف ضرور آهي پر انهن جي اندر هڪ وحدانيت موجود آهي: رضا رباني

raza-rabani

 سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ايشائي عوام جو تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي ورثو مختلف ضرور آهي پر انهن جي اندر هڪ وحدانيت موجود آهي ۽ ايشيائي قومن سامراج خلاف گڏيل طور جدوجهد ڪئي آهي.

ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي پاران ڪوٺايل سنڌ هنان يونيورسٽيز فورم جي اجلاس کي خطاب ڪندي رضارباني چيو ته ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ تعليمي ادارن ۾ اڪيڊمڪ بحث شروع ڪيو وڃي.

سينيٽ چيئرمين چيو ته ايشائي عوام جو تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي ورثو مختلف ضرور آهي پر انهن جي اندر هڪ وحدانيت موجود آهي ۽ ايشيائي قومن سامراج خلاف گڏيل طور جدوجهد ڪئي آهي.

هن چيو ته پاڪ چين دوستاڻن لاڳاپن جو بنياد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو رکيوهو.

ان موقعي تي سنڌ مدرسته السلام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد علي شيخ چيو ته چين ۽ پاڪستان 5 هزار سال پراڻي تهذيب جا مالڪ آهن ۽ ٻئي ملڪ تجارتي طور هڪٻئي سان سلهاڙيل آهن.

اجلاس دوران سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جو چين جي صوبي هنان جي 8 يونيورسٽين سان تعليمي الحاق جو به اعلان ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*