برطانوي شهزادي هيري ۽ ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو هاڪي جي پــَڪ اڇلائي ٽورنٽو اِنوڪٽس گيمز جي ڪائونٽ ڊائون جو افتتاح ڪري ڇڏيو

BRITAIN-ROYALS-INVICTUSGAME

برطانوي شهزادي هيري ۽ ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو هاڪي جي پــَڪ اڇلائي ٽورنٽو  اِنوڪٽس گيمز جي ڪائونٽ ڊائون جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ڪينيڊا ۾ اِنوڪٽس گيمز سيپٽمبر 2017ع ۾ ٿينديون..

شهزادي هيري ۽ وزيراعظم جسٽن ٽروڊو گڏيل طور 2017ع ۾ ٿيندڙ انوڪٽس گيمز ٽورنٽو جي ڪائونٽ ڊائون جي شروعات ڪئي.

ان موقعي تي شهزادو هيري ايٿليٽ سان به ملاقات ڪئي ۽ ٻڌايو ته هو ڪوشش ڪري رهيو آهي ته انوڪٽس گيمز جي ڪجهه مقابلن دوران هو به موجود هجي.

شهزادو هيري ان کان اڳ پنهنجي ڏاڏي راڻي الزبيٿ ٽو توڙي امريڪي صدر براڪ اوباما ۽ فرسٽ ليڊي مشل اوباما سان گڏجي انوڪٽس گيمز جي مشهوري واري مزاحيه ويڊيو به جاري ڪئي هئي.

انوڪٽس گيمز زخمي ٿيڻ بعد معذور بڻجي ويل فوجين لاءِ خاص رانديون آهن، جنهن جو پرنس هيري سرپرست به آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*