ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ متحده اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار جي ڪوآرڊينيٽر آفتاب حسين جي پوسٽ مارٽم جون تياريون مڪمل

dr-farooq-satar-astant

ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ متحده اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار جي  ڪوآرڊينيٽر آفتاب حسين جي پوسٽ مارٽم جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهي، متحده اڳواڻ خواجه اظهار آفتاب حسين جي فوت ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ۽ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

رينجرز پاران 2 ڏينهن اڳ فيڊرل بي ايريا مان گرفتار ڪيل فاروق ستار جي ڪو آرڊينيٽر آفتاب حسين کي دل جو دورو پوڻ سبب جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو فوت ٿي ويو.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت گذريل ڏينهن آفتاب حسين کي 90 ڏينهن لاءِ رينجرز حوالي ڪيو هو.

جناح اسپتال جي اسٽنٽ پوليس سرجن ڊاڪٽر ڪليم جو چوڻ آهي ته آفتاب حسين کي دل جي تڪليف سبب اڄ صبح 7 لڳي 55 تي اسپتال آندو ويو، جنهن جو 25 منٽن تائين علاج ڪيو ويو.

ايم ڪيو ايم ڪارڪنن جي گمشدگي خلاف اڄ ڪراچي پريس ڪلب آڏو رٿيل ڌرڻو ملتوي ڪندي ڪارڪنن کي نمائش چورنگي تي  آفتاب حسين جي جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته متحده ڪارڪنن جي نمائش چورنگي آمد جو سلسلو جاري آهي.

خواجه اظهار سنڌ اسيمبلي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آفتاب حسين  رينجرز جي تحويل ۾ فوت ٿي ويوآهي ان ڪري معاملي جاچ سان گڏ ۽ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*