لاهور هاءِ ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن کي اسپيڪر اياز صادق جي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عليم خان خلاف درخواست تي فيصلو ٻڌائڻ کان روڪي ڇڏيو

Lahore-High-14-4-16

لاهور هاءِ ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن کي اسپيڪر اياز صادق جي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عليم خان خلاف درخواست تي فيصلو ٻڌائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عائشه اي ملڪ، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عليم خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

 درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن وٽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار جي درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي، جنهن ۾ الزام هنيو ويو آهي ته عليم خان اين اي هڪ سئو 22 جي ننڍي چونڊن خلاف درخواست سان گڏ جعلي حلف ناما جمع ڪرايا هئا.

درخواستگذار موجب، اليڪشن ڪميشن وٽ عليم خان خلاف ڪارروائي جو اختيار ناهي، تنهن ڪري اليڪشن ڪميشن کي ڪارروائي کان روڪيو وڃي.

عدالت، اليڪشن ڪميشن کي فيصلو ٻڌائڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 17 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن کي عليم خان خلاف درخواست تي 9 مئي تي فيصلو ٻڌائڻو آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*