ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نائن زيرو تان جوابدارن جي گرفتاري ۽ هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ متحده جَي هڪ ڪارڪن فرحان شبير جي ڪيس بي ڪلاس ڪرڻ واري درخواست منظور

atc11-9

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نائن زيرو تان جوابدارن جي گرفتاري ۽ هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ متحده جَي هڪ ڪارڪن فرحان شبير جي ڪيس بي ڪلاس ڪرڻ واري درخواست منظور ڪندي هٿيارن جا لائيسنس طلب ڪري ورتا آهن.

ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي ڇاپي دوران جوابدارن جي گرفتاري ۽ هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جوابدارن عبيد ڪي ٽو، فيصل موٽا، فرحان ملا، عامر سر ڦَٽا ۽ عامر طوطلا سميت 26 جوابدارن کي پيش ڪيو ويو.

ٻڌڻي دوران رينجرز جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نائن زيرو تي ڇاپي دوران 200 کان وڌيڪ هٿيار هٿ آيا پر ايم ڪيو ايم رڳو هڪ درجن هٿيارن جا لائيسنس فراهم ڪيا آهن.

عدالت هڪ جوابدار فرحان شبير جي بي ڪلاس واري درخواست منظور ڪندي نائن زيرو تان هٿ آيل سمورن هٿيارن جا لائيسنس طلب ڪري ورتا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*