نوابشاهه ويجهو گذريل ڏينهن مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڦورو جي ڀاءُ کي پوليس آزاد ڪري ڇڏيو

Nawabshah-Police-6-8

نوابشاهه ويجهو گذريل ڏينهن مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڦورو جي ڀاءُ کي پوليس آزاد ڪري ڇڏيو، آزاد ٿيل نوجوان جو چوڻ آهي ته پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي سندس ڀاءُ کي قتل ڪيو آهي.

نوابشاهه پوليس هٿان گذريل ڏينهن دادو ويجهو ڳوٺ سفر لنڊ مان گرفتار ڪيل نوجوان غلام محمد لنڊ کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.

آزاد نوجوان ته نوابشاهه پوليس گذريل کيس پنهنجي ڀاءَ غلام رسول لنڊ سميت گرفتار ڪيو هو جنهن کانپوءِ پوليس غلام رسول کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيو.

هن چيو ته گذريل ڏينهن لاش  رکي احتجاج ڪرڻ دوران ايم  اين اي رفيق جمالي کين انصاف جي خاطري ڪرائي هئي، پر اڃا تائين معاملي جي جاچ شروع نه ڪئي وئي آهي.

هن مطالبو ڪيو ته غلام رسول لنڊ کي ڪُوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪندڙ اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

هوڏانهن ايس ايس پي نوابشاهه  جو چوڻ آهي ڏوهاري غلام رسول لنڊ تي اغوا، ڦرن ۽ پوليس مقابلن جا ڪيس داخل هئا، جنهن کي مقابلي ۾ ماريو ويو آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*