سپريم ڪورٽ، حج ڪوٽا پاليسي ڪيس ۾ حڪومتي پاليسي کي رد ڪندي پرائيويٽ حج ٽور آپريٽرز جي 50 سيڪڙو ڪوٽا برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Supreme-Court-14-4-16

سپريم ڪورٽ، حج ڪوٽا پاليسي ڪيس ۾ حڪومتي پاليسي کي رد ڪندي پرائيويٽ حج ٽور آپريٽرز جي 50 سيڪڙو ڪوٽا برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت رمارڪس ۾ چيو آهي ته ادارن جي  ساک بهتر نه هئڻ سبب آڱريون کڄي رهيون آهن.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ حج ڪوٽا بابت  ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران پرائيويٽ حج ٽور آپريٽرز طرفان عابد زبيري پيش ٿيو،جنهن دليل ڏنا.

عدالت حڪومت جي حج ڪوٽا پاليسي 2016رد ڪندي پرائيويٽ حج ٽور آپريٽرز جي 50 سيڪڙو ڪوٽا برقرار رکڻ جو حڪم جاري ڪيو.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته حڪومت حج پاليسي جوڙڻ وقت عدالتن کي حڪمن کي نظر ۾ رکيو ويو.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي رماڪس ڏنا ته ادارن جي ساک بهتر نه هئڻ ڪري ڪري آڱريون کڄي رهيون آهن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*