نيب جو ڪرپشن خلاف اهم ڪردار آهي پر احتساب مان انتقام جي بوءِ نه اچڻ گهرجي:اياز صادق

AYAZ-SADIQ

نيب چيئرمين قمر الزمان چوڌري، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ملاقات ڪري اداري جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي آهي، اياز صادق جو چوڻ آهي ته نيب جو ڪرپشن خلاف اهم ڪردار آهي پر احتساب مان انتقام جي بوءِ نه اچڻ گهرجي.

نيب چيئرمين قمر الزمان چوڌري اسلام آباد ۾ اسپيڪر سردار اياز صادق سان سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 ملاقات دوران نيب چيئرمين سال 2015 بابت اداري جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي.

ان موقعي تي اسپيڪر اياز صادق ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ نيب جو ڪردار انتهائي اهم آهي پر احتساب مان انتقامي واري بوءِ نه اچڻ گهرجي.

نيب چيئرمين چيو ته بنا ڪنهن فرق جي احتساب ٿي رهيو آهي، نيب جي ڪاررواين بعد ملڪ مان ڪرپشن ۾ گهٽتائي آئي آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*