وڏي وزير قائم علي شاهه سان ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر ملاقات ڪري رينجرز جي خصوصي اختيارن ۾ واڌ حوالي سان ڳالهه ٻولهه

Qaim-Ali-Shah

وڏي وزير قائم علي شاهه سان ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر ملاقات ڪري رينجرز جي خصوصي اختيارن ۾ واڌ، صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ ڪراچي آپريشن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.

ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر ڪراچي ۾ وزيراعليٰ هائوس پهچي وڏي وزير قائم علي شاهه سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران رينجرز جي خصوصي اختيارن ۾ واڌ، ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف جاري آپريشن ۽ صوبي اندر امن امان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

واضح رهي ته سنڌ حڪومت پاران رينجرز کي ڏنل خصوصي اختيارن جو مدو اڄ رات ٻارهين وڳي ختم ٿي رهيو آهي، جن ۾ واڌ لاءِ گهرو وزارت پاران سمري سي ايم هائوس موڪلي وئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*