وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ويندو ته ٽي او آرز کي نه صرف سنجيده ورتو وڃي پر ان تي عملدرآمد به يقيني بڻايو وڃي:خورشيد شاهه

khurshid shah 03-02-16

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته ٻين مخالف پارٽين سان مشاورت بعد جڊيشل ڪميشن لاءِ تجويز ڪيل ٽرمس آف ريفرنس حڪومت ڏانهن موڪليا ويندا، وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ويندو ته ٽي او آرز کي نه صرف سنجيده ورتو وڃي پر ان تي عملدرآمد به يقيني بڻايو وڃي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته جڊيشل ڪميشن جا ٽي او آرز اپوزيشن پاران مشاورت سان تيار ڪيا ويا آهن، ان ڪري وزيراعظم کي خط لکڻ واري معاملي تي به ٻين مخالف پارٽين سان صلاح ڪئي ويندي.

هن چيو ته اڄ اپوزيشن پارٽين سان مشاورت ڪئي ويندي، جنهن بعد اڄ شام يا سڀاڻي وزيراعظم نواز شريف خط لکي اپوزيشن پاران جڊيشل ڪميشن لاءِ تيار ڪيل ٽرمس آف ريفرنس اماڻيا ويندا.

خورشيد شاهه چيو ته خط ۾ لکيو ويندو ته ٽي او آرز اپوزيشن مشاورت سان تيار ڪيا آهن، حڪومت نه صرف ان کي سنجيده وٺي پر ٽي او آرز تي عملدرآمد به يقيني بڻايو وڃي.

هڪ سوال جي جواب ۾خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته  سپريم ڪورٽ کي خط لکڻ اپوزيشن جو ڪم ناهي، اهو ڪم حڪومت جو ئي آهي ۽ ان تي عملدرآمد به سرڪار ئي ڪرائي.

خورشيد شاهه چيو ته اخبارن خبرن جي ذريعي نه پر باضابطه هڪ خط لکي ٽي او آرز وزيراعظم ڏانهن اماڻيا ويندا……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*