پشاور سانحي سموري انسانيت کي لوڏي ڇڏيو آهي سراج الحق ۽ رحمان ملڪ جون ميڊيا سان ڳالهيون

سياسي جرڳي، دهشتگرد حملي جو نشانو بڻيل آرمي پبلڪ اسڪول کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ ۽ شهيد ٻارڙن کي نشان حيدر ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، اڳواڻن چيو آهي ته دهشتگرد هٿيار ڦٽا ڪن، سياسي جرڳو ڳالهين لاءِ وٽن هلي وڃڻ لاءِ تيار آهي، فوجي عدالتون قائم ڪرڻ ڪو آئيڊل سسٽم ناهي، مستقل حل اهو آهي ته موجوده عدالتي نظام کي بهتر بڻايو وڃي.

سياسي جرڳي جي اڳواڻن جماعت اسلامي جي امير سراج الحق، اڳوڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ، نيشنل پارٽي جي سربراهه حاصل بزنجي، خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان گڏ پشاور ۾ دهشتگردن جي حملي جو نشانو بڻيل آرمي پبلڪ اسڪول جو دورو ڪيو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته پشاور سانحي سموري انسانيت کي لوڏي ڇڏيو آهي، هن وقت ذاتي مفادن کان مٿڀرو ٿي سڀني کي ملڪ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.

سراج الحق چيو ته پشاور جي شهرين سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، شهر جي اهڙي بازار ناهي جتي ڌماڪو نه ٿيو هجي، ڌماڪن جي گونج سبب پشاور ۾ تابوتن ۽ ڪفن جو ڪاروبار چوٽ تي چڙهيل آهي پر دعا آهي ته پشاور ۾ اسڪول تي حملو ملڪي تاريخ جو آخري دهشتگرد واقعو هجي.

هن چيو ته موجوده حالتن ۾ سياسي ۽ عسڪري قيادت متحده ٿيڻ سٺو عمل آهي، اسان هاڻي ملڪ کي پر امن بڻائڻ لاءِ امن مارچ شروع ڪيو آهي.

فوجي عدالتن جي قيام بابت سوال جي جواب ۾ سراج الحق چيو ته ملٽري ڪورٽس جو آئيڊل سسٽم ناهي، سموري سياسي قيادت مجبوري ۾ اهڙو فيصلو ڪيو آهي، جيڪڏهن موجوده عدالتي نظام کي بهتر بڻايو وڃي ها ته فوجي عدالتن جي ضرورت نه پوي ها.

ان موقعي تي ڳالهائيندي رحمان ملڪ چيو ته پشاور اسڪول تي حملو قوم ۽ ٻارڙن جي والدين تي حملو آهي، دهشتگرد حملا ڪندڙ پاڪستان جي سالميت ۽ اسلام کي نٿا مڃين.

رحمان ملڪ چيو ته پشاور ۾ اسڪول تي حملو ڪندڙن معافي جي لائق ناهي، ملوثن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*